رانديون

ڀارت ۽ انگلينڊ خميس تي مقابلو ڪندا، ملان زخمي ٿي پيو

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو خميس تي ٿيندو، جنهن جي تياري ٻنهي ٽيمن ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق ڀارت ۽ انگلينڊ جا اسڪواڊ ايڊيليڊ پهچي چڪا آهن، جيڪي ميدان تي اچي پريڪٽس پڻ ڪري رهيا آهن. هوڏانهن انگلينڊ کي ڀارت خلاف سيمي فائنل جي ميچ کان اڳ وڏ ڌڪ سندس اهم بيٽر ڊيوڊ ملان جي زخمي ٿيڻ جي صورت ۾ رسيو آهي، جيڪو هاڻ ميچ جي پليئنگ اليون جو حصو نھ هجڻ جي تصديق معين علي ڪئي آهي. ڀارتي ڪپتان روهت شرما چيو آهي تھ انگلينڊ خلاف ميچ هائي وولٽيج جي آهي، انگلينڊ خلاف چيلنج سمجهي کيڏنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button