
ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو پهريون سيمي فائنل سڀاڻي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ ڪاميابي جي ڏس ۾ ٻنهي ٽيمن ڀرپور تياري سان گڏ حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي جي ميگا ايونٽ جي اهم ميچ ۾ پاڪستان 1992ع جي ورلڊ ڪپ واري جذبي سان گڏ ميدان تي اچي رهيو آهي، چوتھ 92 ۽ 22 واري ورلڊ ڪپ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون هڪجهڙيون سامهون آيون آهن، تنهنڪري هر ماڻهو فائنل پاڪستان جي حق ۾ ڏسي رهيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ آئي سي سي ميگا ايونٽ ۾ نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جون ٽيمون 29 ڀيرو ميچ کيڏنديون، جڏهن تھ ٽي 20 فارميٽ ۾ هن مهل تائين ٻنهي ٽيمن ۾ 28 مقابلا ٿيا آهن، جن مان نيوزيلينڊ 17 کٽيا آهن ۽ پاڪستان کي 11 ميچن ۾ شڪست ٿي آهي. جڏهن تھ پاڪستان جو پاسو نيوزيلينڊ تي وڌيڪ ڳرو رهيو آهي، ڇوتھ نيوزيلينڊ خلاف پاڪستان 201 جهڙو وڏو اسڪور ڪري چڪو آهي ۽ تازو ئي ٽھ ملڪي سيريز ۾ بھ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي پاڻ ملهايو آهي. هوڏانهن پاڪستاني ٽيم جي مينٽور ميٿيو هيڊن چيو آهي تھ بابراعظم خاص رانديگر آهي، وڏي ميچ ۾ ڪجهه ڪري ڏيکاريندو، ٽيم ۾ 4 تيز بالر آهن، جيڪو خطرناڪ ميل هجي ٿو، منهنجي خيال ۾ سڊني بھ ننڍي کنڊ کي سپورٽ ڪري ٿو. اڳوڻي ڪوچ جيف لاسن چيو تھ سيمي فائنل ۾ پهچڻ بعد پاڪستان ورلڊ ڪپ کٽي ويندو. آسٽريليا جي ايڊم گلڪرسٽ چيو آهي تھ بابر اوپنر طور بهترين رانديگر آهي، هو ڏکئي وقت مانگذري پيو، سندس ساٿ ڏيڻ گهرجي.