
ايڊيليڊ: ٽي-20 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل کان اڳ زخمي ٿيل ڀارتي ڪپتان روهت شرما جي نيٽ سيشن جي وڊيو سامهون اچي وئي آهي. ڀارتي ٽيم جي نيٽ سيشن جي وڊيو هڪ ويب سائيٽ طرفان ٽوئيٽر تي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڀارتي ڪپتان سيشن دوران آئس باڪس تي ويٺل آهي. ويب سائيٽ موجب روهت شرما جو چوڻ آهي ته هو ٺيڪ آهي ۽ اڄ جي سيمي فائنل لاءِ تيار آهي.