
ايڊيليڊ: ٽي-20 ورلڊ ڪپ 2022 جي ٻئي سيمي فائنل کان اڳ انگلينڊ جي ڪپتان جوس بٽلر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ فائنل جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. انگلينڊ جي ڪپتان جوس بٽلر ڀارت خلاف ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميگا ايونٽ جو فائنل ڏسڻ نه ٿا چاهيون ۽ ڪوشش ڪنداسين ته ائين نه ٿئي. انگلينڊ جي ڪپتان چيو ته ڀارت ٽي-20 فارميٽ ۾ مضبوط ٽيم آهي، ڪافي عرصي کان مستقل مزاجي ڪري رهي آهي پر اسان ايونٽ کٽڻ جي قابل آهيون.