رانديون

بسمه معروف اڳوڻي ڪپتان ثنا مير جو اهم اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو

لاهور: قومي وومين ٽيم جي ڪپتان بسمه معروف اڳوڻي ڪپتان ثنا مير جو اهم اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قومي وومين ٽيم جي ڪپتان بسمه معروف آئرلينڊ خلاف ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي سڀ کان وڌيڪ ڪپتان بڻجندڙ خاتون ڪرڪيٽر بڻجي وئي آهي. بسمه معروف آئرلينڊ خلاف پنهنجي ڪيريئر جي 121 هين ون ڊي کيڏي رهي آهي.

جڏهن ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اها سيريز جي آخري ميچ آهي. پاڪستان کي آئرلينڊ خلاف سيريز ۾ 2-0 جي برتري حاصل آهي. وومين ٽيم جي ڪپتان بسمه معروف جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، مان پنهنجي گهروارن ۽ پنهنجي مڙس جي شڪرگذار آهيان جن مون کي سپورٽ ڪئي، مان ثنا مير جي قيادت ۾ گهڻو ڪجهه کيڏيو، اها ميچ اسان لاءِ اهم هوندي، سڀني کي ڪاميابي ملي. آئي سي سي چيمپئن شپ لاءِ پوائنٽس پهريون هدف آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button