
ايڊيليڊ: ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ سيمي فائنل کان اڳ اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر ڪوهلي کي دلچسپ درخواست ڪئي آهي. ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ميچ ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ اڄ خميس ڏينهن تي ايڊيليڊ ۾ کيڏي ويندي، جنهن لاءِ ٻئي ٽيمون ڀرپور تياري ڪري رهيون آهن. گذريل ڏينهن اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي ميچ جي تيارين جي حوالي سان پنهنجي هڪ وڊيو شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر پيٽرسن ڪوهلي کي دلچسپ درخواست ڪئي هئي.
ويرات ڪوهلي پنهنجي وڊيو ۾ لکيو ته هو ان سڄي عمل مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي جنهن تي پيٽرسن درخواست ڪئي آهي ته مهرباني ڪري خميس ڏينهن جي موڪل وٺو. پيٽرسن چيو ته توهان کي خبر آهي ته مان توهان سان پيار ڪريان ٿو، پر صرف خميس ڏينهن تي “چل” ڪريو. اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر جي تبصري کي سوشل ميڊيا صارفين طرفان پسند ڪيو ويو ۽ هزارين صارفين ان تي پسند جو اظهار ڪيو.