
لنڊن: پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان تي ٿيل حملي کانپو سيڪيورٽي خدشن انگلينڊ ٽيسٽ ٽيم جي دوري مٿان تلوار لٽڪائي ڇڏي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي حملي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ايڊيليڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي انگلينڊ ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس پاڪستان جي صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو ته انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال ۽ حالتن جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، سيڪيورٽي ماهر ريگ ڊڪسن صورتحال جو جائزو وٺي رهيو آهي.
بين اسٽوڪس اعتراف ڪيو آهي ته واقعو اسان لاءِ پريشاني جو سبب بڻيو، ظاهر آهي گذريل هفتي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو اسان لاءِ حيران ڪندڙ هو، هن وقت اسان جو سيڪيورٽي ايڊوائزر ريگ ڊڪسن پاڪستان ۾ موجود آهي. بين اسٽوڪس چيو ته ريگ ڊڪسن ڪيترن ئي سالن کان انگلينڊ جو مرڪزي ماڻهو آهي، منهنجي خيال ۾ هو صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ بهترين شخص آهي، ريگ ڊڪسن کان سموري معلومات حاصل ڪرڻ تائين تبصرو نه ٿا ڪري سگهون. بين اسٽوڪس چيو ته رانديگر ۽ ماڻهو جيڪي اتي وڃي رهيا آهن اهي مٿس 100 سيڪڙو ڀروسو ڪري سگهن ٿا، ريگ اهڙو انسان آهي جنهن تي توهان سڄي زندگي ڀروسو ڪري سگهو ٿا. واضح رهي ته انگلينڊ جي ٽيم هلندڙ سال سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ڪراچي ۽ لاهور ۾ 7 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي چڪي آهي.