لاهور: پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم آخري ون ڊي ميچ ۾ آئرلينڊ وومين ٽيم کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 0-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ آئرلينڊ وومين ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. آئرلينڊ وومين ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 225 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. آئرلينڊ طرفان ليه پال 65 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته ايمي هنٽر 41 ۽ گيبي لوئس 39 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان غلام فاطمه 34 رنسون ڏئي 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ پاڪستان وومين ٽيم 47 ڏهائي هڪ اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪري ورتو.
عميه سهيل 25 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي، جڏهن ته سدرا نواز 18 رنسون ٺاهيون.گرين شرٽس طرفان صدف شمس 72 رنسون، بسمه معروف 57 ۽ عاليه رياض 23 رنسون ٺاهيون. بسمه معروف پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جون 3000 رنسون مڪمل ڪيون. غلام فاطمه کي پليئر آف دي ميچ ۽ سدرا امين کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو. پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي وومين ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي-ٽوئنٽي سيريز 12 نومبر کان شروع ٿيندي.