ڏکڻ آفريقا ايندڙ سال جنوري ۾ ٽھ ملڪي سيريز جي ميزباني ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ ڀارت، ڏکڻ آفريقا ۽ ويسٽ انڊيز جي ويمن ٽيمن تي ٻڌل سيريز جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڏکڻ آفريقا جي ڪيپ ٽائون ۾ ميچون 19 جنوري کان شروع ٿيندي، جنهن جو فائنل 2 فيبروري تي ٿيندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ 19 جنوري تي پهرين ميچ کيڏي ويندي، هن سيريز ۾ هر ٽيم 2،2 ميچون کيڏندي ۽ ايونٽ جو فائنل 2 فيبروري تي کيڏيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close