رانديون

بنگلاديش انڊر 19 پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

بنگلاديش جي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي انڊر 19 ٽيم کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني ٽيم 202 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ عرفات منهاس 71 رنسن جي وڏي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو. جڏهن تھ عذير ممتاز 57، محمد طيب عارف 28 رنسن سان نمايان اسڪور ڪيو. بنگلاديش جي بالرن معروف مرڌا 4 شڪار ڪيا ۽ محمد رفيع الزمان 2 وڪيٽون ورتيون. بنگلاديش جي بيٽرن 203 رنسن جو هدف 3 وڪيٽن تي حاصل ڪري ورتو، جنهن ۾ اوپنرن چوڌري محمد رضوان 79 ۽ عاشق الرحمان شبلي 71 رنسن سان وڏي ڀائيواري جوڙي ورتي. شاريئر شيخ 18 ۽ احرار امين 8 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا. پاڪستان جي بالرن علي رضا 2 ۽ محمد ذيشان هڪ وڪيٽ ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button