
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي مينٽور ميٿيو هيڊن چيو آهي تھ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان جي پاڻ ۾ ڪيمسٽري زبردست آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ فائنل ۾ پاڪستان جي بهترين بالنگ ۽ انگلينڊ جي لاجواب بيٽنگ لائين جي وچ ۾ واهه جو مقابلو ڏسڻ ۾ ايندو.