
ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ليجنڊ سنيل گواسڪر ڪمنٽري دوران ڀوڳن ئي ڀوڳن ۾ پاڪستاني ڪپتان بابراعظم جي وزيراعظم بڻجڻ جي اڳڪٿي ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ڪمنٽري باڪس ۾ موجود سنيل گواسڪر ڀوڳ ڪندي چيو تھ پاڪستان جيڪڏهن ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽيو تھ بابراعظم 2048ع ۾ وزيراعظم بڻجي ويندو، اهڙي ڀوڳ تي ڪمنٽري پينل جي شين واٽسن سميت سمورن ماڻهن کان ٽهڪ نڪري ويا. هوڏانهن سنيل گواسڪر ٽي 20 ورلڊ ڪپ بعد ڪپتان روهت شرما ۽ ڪوهلي رٽائرمينٽ وٺي ڇڏيندا.