
ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ جي هٿان 10 وڪيٽن تان بدترين شڪست بعد ڀارت جي اڳوڻن ڪرڪيٽرن ڪپتان روهت شرما ۽ ڪوچ راهول ڊريوڊ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن تھ راهول ڊريوڊ کي في الحال آرام ڪرڻ جي ڏس ۾ موڪليو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڀارت جي اڳوڻي ڪرڪيٽر هرڀجن سنگهه بدترين شڪست تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪوچ ۽ ڪپتان کي هٽائي ڪاروائي جي گهر ڪئي آهي. هن اشيش نهرا جي ڪوچ طور نالو ڏنو آهي. هوڏانهن ٽيم مينيجمينٽ ڪوچ راهول ڊريوڊ کي آرام ڏيڻ جو فيصلو ڪندي ايندڙ ايونٽ جي ڏس ۾ وي وي ايس لڪشمڻ کي عارضي ڪوچ جي ذميواري ڏني آهي.