
آئي سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پليئر آف دي ٽورنامينٽ جي نامزدگين وارن نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ويرات ڪوهلي، سوريا ڪمار، جوز بٽلر ۽ ٻيا شامل آهن. ميڊيا مطابق ميگا ايونٽ جي پليئر آف دي ٽورنامينٽ ۾ 9 نامزدگيون ڪيون ويون آهن، جن ۾ پاڪستان مان شاداب خان ۽ شاهين آفريدي شامل آهن.