
آئرلينڊ جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽي 20 ميچ ۾ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ويمن 5 وڪيٽن تي 135 رنسون ٺاهي هدف ڏنو، جنهن ۾ ندا ڊار 61 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. جڏهن تھ عاليا رياض 24، بسما معروف 17 رنسون ٺاهي نمايان رهيون. آئرلينڊ جي بالر اورلا پرينڊرگيسٽ 3 وڪيٽون ورتيون. جڏهن تھ آئرلينڊ ويمن 136 رنسن جو هدف 4 وڪيٽن تي 19 اوور ۾ 139 رنسون ٺاهي فتح ماڻي ورتي، جنهن ۾ گيبي ليوس 69 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪيو، اورلا پرينڊرگيسٽ 39 رنسون ٺاهيون، جنهن کي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي. ڪپتان لورا ڊيلاني 3 رنسون ٺاهي سگهي آهي.