
پاڪستان سپر ليگ سيزن 8 جي فرنچائيزن جي رانديگرن ۾ تبديلين وارو عمل مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن بعد رانديگرن جي نين فرنچائيزن ۽ شموليت واري فهرست جاري ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق شعيب ملڪ ۽ حيدر علي پشاور زلمي کي ڇڏي ڪراچي ڪنگز جو حصو بڻجي ويا آهن. شاهين آفريدي لاهور قلندر ۽ راشد خان ملتان سلطانز جو ساٿ ناهي ڇڏيو. اهڙي ريت شاداب اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ محمد نواز ڪوئٽا گليڊيئٽرز سان هوندا. هوڏانهن پي ايس ايل 8 جي ڊرافٽ ۾ 493 پرڏيهي رانديگرن رجسٽريشن ڪرائي ورتي آهي.