رانديون

پاڪستان انڊر 19 ٻئي ون ڊي ۾ بنگلاديش کي هارائي ڇڏيو

پاڪستان جي انڊر 19 ٽيم ٻئي ون ڊي ۾ بنگلاديش انڊر 19 کي 128 رنسن تان شڪست ڏئي حساب برابر ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني ٽيم 7 وڪيٽن تي 242 رنسون ٺاهيون، جن ۾ محمد طيب عارف 66، شاويز عرفان 51 ۽ عرفات منهاس 57 رنسن سان نمايان رهيا. بنگلاديش جي بالرن اقبال حسين ۽ معروف مريڌا 2،2 وڪيٽون ورتيون. بنگلاديش جا بيٽر 143 رنسن جي هدف جي موٽ ۾ 114 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، جن ۾ عاشق الرحمان شبلي 42 ۽ شاريئر ثاقب 16 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ 8 بيٽر ڊبل فگر ۾ نھ اچي سگهيا. پاڪستان جي بالرن محمد ذيشان 3، علي رضا ۽ علي اسفند 2،2 وڪيٽون ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button