رانديون

ٽي 20 جو چيمپيئن ڪير؟ انگلينڊ ۽ پاڪستان ۾ سڀاڻي مقابلو

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي فيصلائتو ڏينهن اچي ويو آهي، جنهن سبب شوقينن جون دليون بھ تيز ڌڙڪي رهيون آهن، چوتھ سڀاڻي انگلينڊ ۽ پاڪستان جهڙين ورلڊ ڪلاس ٽيمن وچ ۾ مختصي فارميٽ جو چيمپيئن بڻجڻ جو وڏو مقابلو ٿي رهيو آهي. ميڊيا مطابق 13 نومبر 2022ع تي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو فائنل آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن بابت اڳڪٿي ڪئي وئي آهي تھ، هتي آچر ۽ سومر جي ڏهاڙن تي برسات جو امڪان آهي، تنهنڪري فائنل جو مقابلو متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، پر ميچ کي فيصلائتو بڻائڻ خاطر آئي سي سي متبادل ڏينهن رکڻ سان گڏ قانون ۾ تبديلي آڻي 2،2 ڪلاڪ اضافي رکيا آهن،

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي فائنل کان هڪ ڏينهن اڳ جا منظر

ميچ نھ ٿيڻ جي صورت ۾ گڏيل چيمپيئن ڊڪليئر ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي. هوڏانهن سڀاڻي واري مقابلي کان اڳ انگلينڊ جا ڊيوڊ ملان ۽ مارڪ ووڊ بھ فٽ ٿي ويا آهن، هوڏانهن پاڪستان وري ڪپتان بابراعظم، وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان ۽ بالنگ ۾ شاهين آفريدي توڙي افتخار احمد تي وڌيڪ ڀاڙيندو. هوڏانهن پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستاني ڪپتان بابراعظم چيو آهي تھ ٽيم پريشان ناهي، اسين فائنل ۾ 100 سيڪڙو پرفارمنس ڏينداسين، ڪوشش ڪرڻ اسان جي هٿ ۾ آهي، پر ايمان آهي تھ نتيجو الله ڏيندو. جڏهن تھ انگلش ڪپتان جوز بٽلر جو چوڻ آهي تھ پاڪستان جي ٽيم خطرناڪ آهي، پر اسان کي پنهنجي رانديگرن تي اعتماد آهي، تنهنڪري اميد تھ فائنل دلچسپ بڻجي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button