
آئي سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ٽيم آف ٽورنامينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان مان ٻن رانديگرن شاداب خان ۽ شاهين شاهه آفريدي بھ جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق انگلينڊ جو ڪپتان جوڙ بٽلر کي ٽيم جي سربراهه نامزد ڪيو ويو آهي. اسڪواڊ جي باقي رانديگرن ۾ سيم ڪرن، مارڪ ووڊ، ايلڪس هيلز، ويرات ڪوهلي، سوريا ڪمار يادوو ۽ ٻيا ڊريم ٽيم ۾ شامل ڪيا ويا آهن.