
پاڪستان جي هاڪي ٽيم نئين عالمي رينڪنگ ۾ هڪ درجي جي ترقي ماڻي اڳيان اچي وئي آهي. ميڊيا مطابق اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ بهتر پرفارمنس سبب پاڪستاني ٽيم جون پوائينٽس ۾ 1543 جو اضافو ٿيو آهي، جنهن بعد ٽيم نئين رينڪنگ ۾ 18 نمبر مان نڪري 17 پوزيشن ماڻي ورتي آهي. ياد رهي تھ پاڪستان هاڪي ٽيم اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ ٽامي جو ميڊل پڻ پنهنجي نالي ڪيو آهي.