
ڀارت جي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جي سالگرهه جي ڏينهن تي کيس مڙس شعيب ملڪ مبارڪ ڏئي طلاق جا افواهه پکيڙيندڙ ماڻهن جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن. ميڊيا مطابق شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا جي رشتي ۾ ڏار ۽ طلاق وارن افواهن کي شعيب ڪجهه گهٽائي ورتو آهي. هوڏانهن جوڙي جي ڌار ٿيڻ وارين خبرن تي مايوس مداح ٻهڪي پيا آهن، جن افواهه پکيڙيندڙن تي ڇتي تنقيد پڻ ڪئي آهي. شعيب ملڪ زال ثانيا مرزا سان تصوير شيئر ڪري کيس مبارڪ ڏني ۽ گڏ خوشگوار ۽ صحتمند زندگي جون دعائون ڏئي ڇڏيون آهن.