
آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان پيٽ ڪمنز آئي پي ايل نھ کيڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ملڪي ٽيم جي مصروف عالمي شيڊول سبب پيٽ ڪمنز آئي پي ايل کان رستا ڌار ڪرڻ جو رٿيو آهي. پيٽ ڪمنز جو چوڻ آهي تھ مون آئي پي ايل جي ايندڙ سيزن نھ کيڏڻ جهڙو ڏکيو فيصلو ڪيو آهي.