رانديون

شاهين آفريدي جي انجري بابت تڪراري اطلاع، معاملو منجهي پيو

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي تيز بالر شاهين آفريدي جي انجري بابت تڪراري اطلاع سامهون آيا آهن، جنهن بعد معاملو مونجهاري جي ور چڙهي ويو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي جي ميڊڪل بورڊ پاران تيز بالر شاهين شاهه آفريدي جي اسڪين رپورٽ ۾ کيس زخم نھ هجڻ واري ڪيل دعوا بحث هيٺ اچي وئي آهي، جنهن ۾ بورڊ جي ٽيم ڄاڻايو هو تھ شاهين جو زخم اسڪين رپورٽ ۾ ظاهر ناهي ٿيو، هو ٻن هفتن بعد ايڪشن ۾ نظر ايندو. پي سي بي موجب شاهين آفريدي انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ نھ کيڏندو، جنهن بعد باقي ميچن ۾ سندس شرڪت فٽنيس سان مشروط آهي. هوڏانهن شاهين آفريدي جي ويجهن ذريعن چيو آهي تھ پي سي بي جو ميڊيڪل بورڊ سچ نھ پيو ٻڌائي، شاجين جو زخم سنجيدا نوعيت جو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button