رانديون

ٽي-ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت کانپوءِ قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم لاهور پهچي ويو

لاهور: آءِ سي ٽي-ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم لاهور پهچي ويو. ذريعن موجب بابر اعظم سان گڏ ٽيم آفيشلز فاسٽ بالر نسيم شاهه ۽ پي سي بي چيئرمين رميز راجا به پرڏيهي اڏام ذريعي لاهور پهچي ويا آهن. ان کان علاوه هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق، شاداب خان، حارث رئوف، محمد نواز ۽ حيدر علي ميلبورن کان راولپنڊي پهچندا، جڏهن ته محمد رضوان، وسيم جونيئر، افتخار احمد ۽ خوشدل شاهه ميلبورن کان پشاور پهچندا. واضح رهي ته پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو هو پر فائنل ۾ انگلينڊ هٿان شڪست کاڌي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button