رانديون

آئرلينڊ ٽيم پاڪستان کي هارائي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي

لاهور: آئرلينڊ جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان کي ٽئين ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ 34 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ آئرلينڊ جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان وومين ٽيم کي 168 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جنهن جي تعاقب ۾ قومي ٽيم 18 ڏهائي 4 اوورن ۾ 133 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. قومي ٽيم طرفان جويريا خان 50 ۽ ندا ڊار 26 رنسون ٺاهيون.

آئرلينڊ طرفان آرلين ڪيلي ۽ لاورا ڊيلاني 3-3 وڪيٽون ورتيون. آئرش ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 167 رنسون ٺاهيون، گيبي لوئس 71، ايمي هنٽر 40 ۽ ارلا پرينڊرگيسٽ 37 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان غلام فاطمه، نشرا سنڌو ۽ ندا ڊار هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. واضح رهي ته پاڪستان وومين ٽيم آئرلينڊ کي ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ ڪلين سوئپ ڪري ڇڏيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button