لاهور: ڪراچي جي قسمت روشن ٿي وئي، “ڊبل ٽيسٽ ڊوز” ملڻ جو امڪان آهي، لانگ مارچ ۽ احتجاج کي نظر ۾ رکندي انگلينڊ خلاف پهرين ۽ ٽئين ميچ جي ميزباني شهر قائد کي ڏيڻ تي غور ويچار ڪيو ويو آهي. انگلينڊ جي ٽيم 20 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ اچي رهي آهي، شيڊول موجب دوري تي آيل اسڪواڊ کي 27 نومبر تي صبح جو اسلام آباد پهچڻو آهي، پهرين ٽيسٽ پهرين ڊسمبر کان راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي. ٻي ٽيسٽ 9 ڊسمبر کان ملتان ۽ ٽين ٽيسٽ 17 ڊسمبر کان ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. جڏهن ته پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ راولپنڊي ۽ اسلام آباد طرف وڌي رهيو آهي، نومبر جي آخري هفتي دوران جڙيل شهرن ۾ سرگرميون عروج تي پهچنديون. ساڳئي وقت انگلش ٽيم اسلام آباد پهچندي. ذريعن موجب امڪاني حالتن کي نظر ۾ رکندي سيريز جي پهرين ميچ ڪراچي ۾ کيڏڻ تي غور ڪيو ويو آهي، ملتان ۾ ٻي ٽيسٽ کيڏڻ کانپوءِ ٽيمون ٽين ٽيسٽ لاءِ به ٽيمون ڪراچي واپس اينديون. پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته في الحال شيڊول ۾ تبديلي جو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو پر پلان بي ضرور غور هيٺ آهي، حتمي فيصلو سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ ئي ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close