
فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ 2022ع ايندڙ آچر کان شروع ٿي رهيو آهي، جنهن جي افتتاحي تقريب جا بندوبست مڪمل ڪيا ويا آهن. ميڊيا مطابق قطر ۾ 20 نومبر کان شروع ٿيندڙ فٽبال جي ميگا ايونٽ جو پهريون مقابلو ميزبان ملڪ قطر جي ٽيم ۽ ايڪواڊور وچ ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي رانديگرن ڪاميابي جو عزم ڪري ورتو آهي. جڏهن تھ گروپ بي ۾ ايران ۽ انگلينڊ وچ ۾ سومر 21 نومبر تي ميچ ٿيندي. هوڏانهن روايتي گولڊن بوٽ جي انعام کي کٽڻ جي تياري رانديگرن ڪري ورتي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ گولڊن بوٽ ٽورنامينٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ اسڪور ڪندڙن کي ڏيڻ جو فيصلو ٿيو آهي. جڏهن تھ 1030ع کان 2018ع تائين 16 ملڪن جا رانديگرا گولڊن بوٽ جو انعام کٽي چڪا آهن.