آسٽريليا ۾ عورت سان جنسي زيادتي جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل سريلنڪا جي ڪرڪيٽر دنيشڪا گوناٿيڪالا جي ضمانت منظور ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق سڊني جي عدالت دنيشڪا گوناٿيڪالا جي ضمانت انتهائي سخت شرطن هيٺ منظور ڪئي آهي. سريلنڪا جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڪيٽر 11 ڏينهن جيل ۾ گذاريا آهن. عدالت جي شرطن موجب دنيشڪا سوشل ميڊيا استعمال نھ ڪري سگهندا، نھ وري آسٽريليا کان ٻاهر وڃي سگهي ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close