اسڪاٽ لينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي ويمن ٽيم کي پهريون ڀيرو ڪانٽريڪٽ تحت معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ اسڪاٽ لينڊ جي بيان ۾ چيو ويو آهي تھ 2021ع ۾ ويمن ٽيم کي ڪانٽريڪٽ ڏئي معاوضو ڏيڻ جي رٿابندي ڪئي هئي، جنهن تي هاڻ عمل ڪيو پيو وڃي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ اسڪاٽ لينڊ ويمن ٽيم آئي سي سي رينڪنگ ۾ 14 نمبر تي آهي، جنهن ايندڙ سال ڏکڻ آفريقا ۾ رٿيل ٽي 20 ويمن ورلڊ ڪپ ۾ ڪواليفائي ڪيو آهي. بيان موجب مرد ۽ عورت ڪرڪيٽرن کي برابر معاوضو ڏنو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close