
انگلينڊ خلاف هوم گرائونڊ تي رٿيل ٽيسٽ سيريز ۾ ڄمي کيڏندڙ اوپنر عابد علي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق عابد علي بيماري مان صحتياب ٿيڻ ۽ لاڳيتو ڪرڪيٽ کيڏڻ باوجود سليڪشن ڪاميٽي ۽ مينيجمينٽ جي نظرن ۾ نھ اچي سگهيو آهي. عابد علي 9 ميچن ۾ 14 اننگز کيڏي 421 رنسون ٺاهيون آهن.