
انگلينڊ خلاف ٽيسٽ جي هوم سيريز جي ڏس ۾ پاڪستان جي ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جيڪو 18 رڪني هوندو، جنهن ۾ سرفراز احمد جي واپسي ٿي آهي. ميڊيا مطابق سليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين محمد وسيم ڪنڊيشنز ۽ پرفارمنس جو جواز ڄاڻائي 18 رڪني ٽيم جو اعلان ڪيو آهي، جنهن مان پرفارمنس نھ ڏيڻ جو چئي ياسر حسين، حسن علي ۽ فواد عالم کي ڊراپ ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ شاهين آفريدي زخمي هجڻ سبب اسڪواڊ ۾ شامل ناهي. پي سي بي جي جاري ڪيل بيان موجب ٽيم جي ڪپتاني بابراعظم جي حوالي ڪئي وئي آهي. جڏهن تھ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان، عبدالله شفيق، اظهر علي، ابرار احمد، امام الحق، فهيم اشرف، حارث رئوف، محمد علي، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، شان مسعود، زاهد محمود، سلمان علي آغا، نعمان علي، سعود شڪيل ۽ سرفراز احمد کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين محمد وسيم جو چوڻ آهي تھ ٽيم جي سليڪشن ڊوميسٽڪ پرفارمنس ۽ رانديگرن جي سرگرمين کي ڏسي ڪئي وئي آهي، سليڪٽ ٿيل سمورا رانديگر پرفارم ڪندا آهيا آهن، خوشي آهي تھ عابد علي پرفارم ڪري پيو، جنهن کي مستقبل ۾ غور هيٺ آندو ويندو. اسان ترجيح ٽيم سان گڏ سفر ڪندڙن کي ڏني آهي.