رانديون

پي ٽي آئي جي ڌرڻي جو امڪان، ٽيم جي سڪيورٽي جي حڪمت عملي تيار

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري دوران وفاقي گادي واري شهر ۾ پي ٽي آئي جي امڪاني ڌرڻي لڳڻ کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد پوليس سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ٽيسٽ سيريز کيڏڻ جي ڏس ۾ انگلينڊ جي ٽيم 27 نومبر تي اسلام آباد پهچندي. جڏهن تھ پي ٽي آئي مارچ هڪ ڏينهن اڳ 26 تي ئي پهچي ويندو، جنهن دوران ڌرڻو لڳڻ جي صورت ۾ اهو ڪيترائي ڏينهن جاري رهي سگهي ٿو. اسلام آباد پوليس اجلاس ڪري پهرين ڊسمبر کان رٿيل ٽيسٽ ميچ جي سيڪيورٽي کي حتمي بڻائي ورتو آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي تھ مهمان ٽيم جي سيڪيورٽي ۾ ڊرون ڪيمرا سان نگراني ڪئي ويندي ۽ فول پروف انتظام ڪيا ويندا، جنهن دوران پنڊي پوليس سان پڻ رابطا رهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button