
قطر ۾ فٽبال ورلڊ ڪپ جي ايونٽ دوران پاڪستان بحريا قطر کي سامونڊي سيڪيورٽي فراهم ڪندي. ميڊيا مطابق پاڪ بحريا جي ترجمان بيان ۾ چيو آهي تھ پي اين ايس تبوڪ قطر جي سامونڊي بندرگاهه تي پهچي ويو آهي، جتي قطري عملدارن ورلڊ ڪپ جي ميري ٽائيم سيڪيورٽي تي مشاورت ڪئي وئي.