
کيڏڻ آيا آهن، انهن کي سياسي نھ بڻايو وڃي، سندن ڌيان راند تي هجڻ کپي: ڪوچ ڪارلوس
دوحا (اسپورٽس نيوز) قطر ۾ جاري فٽبال ورلڊ ڪپ جي ايونٽ ۾ شريڪ ايران جي فٽبال ملڪ ۾ جاري احتجاج جي حمايت ڪندي ملڪ جو ترانو پڙهڻ کان انڪا قطر ۾ ورلڊ ڪپ دوران ايراني شهرين ٽيم تي احتجاج ڪندڙن جي حمايت جو الزام هنيو، جنهن بعد انهن احتجاج ڪيو آهي. ميڊيا مطابق انگلينڊ خلاف ميچ کان اڳ ڪپتان احسان حجسفي ۽ رانديگرن احتجاج ڪندڙن سان يڪجهتي ڏيکاري ۽ جڏهن قومي ترانو هلايو ويو تھ اهي مڪمل خاموش رهيا. هوڏانهن ٽيم جي هيڊ ڪوچ ڪارلوس ڪوئيروز نئين صورتحال ۾ ٽيم کي سياسي بڻائڻ ۽ احتجاج واري رستي تي وٺي ويندڙ شهرين مٿان ڪاوڙ ڏيکاري آهي. هن جو چوڻ هو تھ هن جو چوڻ آهي تھ اسين هتي ٻين ملڪن جي ٽيمن جيان راند کيڏڻ آيا آهيون، رانديگرن کي سياسي نھ بڻايو، ڇوتھ سندن ڌيان رڳو راند تي هجڻ کپي. هن چيو تھ اسان جي ٽيم ٻين ملڪن جي رانديگرن جيان راند کيڏڻ چاهي ٿي.