آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ ۽ ڊيوڊ وارنر ڌار ڌار سينچريون ٺاهي انگلينڊ کي ون ڊي سيريز ۾ وائيٽ شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سڊني ۾ آخري ون ڊي ۾ ڊي ايل ايس ميٿڊ تحت آسٽريليا 221 رنسن تان انگلينڊ کي هارائي ڪاميابي ماڻي آهي. راند کي 48 اوورن تائين محدود ڪرڻ بعد کيڏيل راند ۾ آسٽريليا 5 وڪيٽن تي 355 رنسون ٺاهي هدف ڏنو، جنهن ۾ ٽريوس هيڊ 152 ۽ ڊيوڊ وارنر 106 رنسن جي اننگز کيڏي وڏو اسڪور ڪيو. جڏهن تھ انگلينڊ جي بالر اولي اسٽون 4 وڪيٽون ورتيون. ڊي ايل ايس ميٿڊ تحت انگلينڊ کي 364 رنسن جو هدف ميلو، جنهن جي جواب ۾ 148 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جيسن رائي 33 ۽ جيمس ونس 22 رنسن سان نمايان رهيا. آسٽريلوي بالرن مان ايڊم زمپا 4، پيٽ ڪمنز ۽ سين ايبٽ 2،2 وڪيٽون ورتيون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close