رانديون

ڪينيڊا 36 سالن بعد ورلڊ ڪپ کيڏيو، بيلجيم هٿان شڪست

بيلجيم جي فٽبال ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ جي پنهنجي رائونڊ ميچ ۾ ڪينيڊا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي، ڪينيڊا 36 سالن بعد ورلڊ ڪپ جي ايونٽ ۾ شريڪ ٿيڻ بعد ناڪامي سان شروعات ڪئي آهي. ميڊيا مطابق گروپ ايف جي ميچ ۾ 44 منٽ دوران بيلجيم جي رانديگر بيشوائي هڪ گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري ڇڏي، جيڪا آخر تائين برقرار رهي ۽ ڪينيڊا جا سمورا رانديگر ڪوششن باوجود گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. هوڏانهن ڪينيڊا جا مداح ٽيم جي شڪست تي مايوس آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button