رانديون

فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ سوئٽرزلينڊ ڪيمرون کي شڪست ڏئي ڇڏي

 قطر ۾ جاري فيفا ورلڊ ڪپ جي مقابلن ۾ سوئٽرزلينڊ جي فٽبال ٽيم ٻڙي جي مقابلي ۾ هڪ گول تان ڪيمرون کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق فيفا ورلڊ ڪپ جي گروپ جي جي پهرين ميچ ۾ سوئٽرزلينڊ جي رانديگر بريل ايمبولو ميچ جو اڪيلو گول 48 منٽ ۾ ڪري پنهنجي ٽيم کي آساني سان فتح ماڻي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڪيمرون ڄائي فٽبالر بريل ايمبولو جي هٿان سندس اباڻي ملڪ کي ميگا ايونٽ ۾ شڪست ملي، جنهن تي مداح حيران ٿي ويا آهن. ميچ دوران ڪيمرون جو ڪوبھ رانديگر ٻنهي هافن ۾ ڪوبھ گول ڪرڻ ۾ ڪامياب نھ ٿي سگهيو. جڏهن تھ سوئٽرزلينڊ جي ٽيم ايونٽ ۾ ڪاميابي ماڻي 3 پوائينٽس حاصل ڪري ورتا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button