رانديون

پنجاب پوليس پاران پنڊي ٽيسٽ کي ڀرپور سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنڊي ۾ رٿيل ٽيسٽ ميچ کي پوليس اختيارين ڀرپور نموني سان سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا مطابق راوالپنڊي ۾ پي ٽي آئي مارچ واري شيڊول سبب ٽيسٽ ميچ جي سيڪيورٽي کي سخت ڪيو ويو آهي. لاهور ۾ وقتي آئي جي پنجاب جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مارچ ۾ شريڪ ماڻهن، پرڏيهي ڪرڪيٽرن ۽ مهمانن کي فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن قومي ٽيم جي رانديگرن لاهور ۾ ڀرپور پريڪٽس ڪئي آهي، جنهن ۾ بابراعظم، رضوان، شاداب ۽ ٻيا شامل هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button