ايران ۾ حڪومت خلاف جاري شديد احتجاج جي لهر راندين کي متاثر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اڳوڻي فٽبالر ووريا غفوري کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق اڳوڻي فٽبالر ووريا غفوري مٿان رياست خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ ۽ قومي ٽيم جي ساک کي متاثر ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا آهن. ياد رهي تھ ايران جي فٽبال ٽيم مظاهرين سان يڪجهتي طور ورلڊ ڪپ ۾ ميچ کان اڳ روايتي طور تي قومي ترانو پڻ پڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جيڪو عمل ايران جي سرڪاري ميڊيا بھ نھ ڏيکاريو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close