رانديون

ليٿم جي سينچري، نيوزيلينڊ هٿان پهرين ون ڊي ۾ ڀارت کي شڪست

نيوزيلينڊ بيٽر ٽام ليٿم جي ناقابل شڪست سينچري جي مدد سان ڀارت کي پهرين ون ڊي ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ برتري ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ڀارت 7 وڪيٽن تي 306 رنسون ڪيون، جنهن ۾ شيکر ڌون 72، شبمن گل 50 ۽ شريا آئير 80، واشنگٽن سندر 37 ۽ سنجو سيمسن 36 رنسون ٺاهيون، نيوزيلينڊ جي بالرن ٽم سائودي ۽ لوڪي فرگوسن 3،3 وڪيٽون ورتيون آهن. جڏهن تھ 307 رنسن جي هدف کي نيوزيلينڊ جي بيٽرن 48 اوور ۾ ماڻي ورتو، جن ۾ ٽام ليٿم 145 ۽ ڪپتان ڪين وليمسن 94 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا. ميچ ۾ ٽم سائودي 200 وڪيٽن جو تعداد مڪمل ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button