رانديون

انگلش ٽيم جي ابوظبهي ۾ ڀرپور پريڪٽس، وارم اپ ميچ بھ کيڏي

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان ۾ ٽيسٽ سيريز کيڏڻ جي ڏس ۾ ٻھ ڏينهن اڳ ابوظهبي ۾ ڀرپور پريڪٽس ڪئي آهي، جنهن دوران انهن وارم اپ ميچ پڻ کيڏي آهي. ميڊيا مطابق ابوظهبي ۾ موجود انگلش ٽيم جي رانديگر وارم اپ ميچ ۾ انگلش لائنر خلاف بالنگ ۽ بيٽنگ ڪري پنهنجو فارم چڪاسيو آهي. جڏهن تھ وارم اپ ميچ جي ٽئين ڏهاڙي تي انهن ڀرپور پريڪٽس جو سيشن ڪيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ مارڪ ووڊ زخمي هجڻ سبب ان جو پاڪستان خلاف کيڏڻ شڪي آهي، ڪپتان بين اسٽوڪس چيو آهي تھ پاڪستان خلاف کيڏڻ کان اڳ پريڪٽس ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي. هن چيو تھ عمران خان تي حملي جو ٻڌي حيران ٿيس، سيڪيورٽي معاملا وفد تي ڇڏيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button