رانديون

برازيل جي ڪپتان نيمار بعد ڊينيلو بھ ايندڙ ميچن مان ٻاهر

فيفا ورلڊ ڪپ جي جاري مقابلن ۾ برازيل جي مداحن جي حوالي سان خراب خبر اها آهي تھ ٽيم جي ڪپتان نيمار جي زخمي ٿيڻ بعد سندن هڪ ٻيو اهم فٽبالر ڊينيلو بھ زخمي ٿيڻ بعد في الحال بقي ميچن مان نڪري ويو آهي. جڏهن تھ نيمار بابت ڊاڪٽر اڳ ئي چئي چڪا آهن تھ هو ايندڙ ميچن ۾ نھ کيڏي سگهندو. برازيل جي ميڊيڪل ٽيم جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي تھ نيمار ۽ ڊينيلو جي زخمن جي ايم آئي آر بعد انهن جو نھ کيڏڻ يقيني آهي، اسين محتاط آهيون تھ جيئن ٻئي ورلڊ ڪپ جي اهم ميچن ۾ کيڏي سگهن، تنهنڪري احتياط وارا فيصلا ڪيون پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button