رانديون

آسٽريليا تيونس کي شڪست ڏئي ڇڏي، انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ ميچ برابر

فيفا ورلڊ ڪپ جي ٻئي مرحلي واري ميچ ۾ آسٽريليا تيونس کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان شڪست ڏئي پوائينٽ ٽيبل تي اهم جڳهه حاصل ڪري ورتي آهي. جڏهن تھ انگلينڊ ۽ آمريڪا وچ ۾ ميچ بنا نتيجي ختم ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق فيفا ورلڊ ڪپ جي گروپ ڊي جي آسٽريليا هڪ گول تان فتح ماڻي آهي، جنهن دوران تيونس اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. راند جي پهرين هاف ۾ آسٽريليا جي مچل ڊيوڪ گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري، جيڪا راند ختم ٿيڻ تائين جاري رهي ۽ مخالف ٽيم تيونس جا رانديگر ڪوششن باوجود گول نھ ڪري سگهيا. هوڏانهن گروپ بي ۾ انگلينڊ ۽ آمريڪا جا رانديگر ميچ ۾ هڪٻئي خلاف شديد حملا ڪندا رهيا، پر ٻئي ڪوڪبھ گول ڪو نھ ڪري سگهيا آهن. ٻئي پاسي ايونٽ ۾ گروپ سي جي اهم ميچ هڪ سعودي هٿان کائيندڙ ارجنٽينا ۽ ميڪسيڪو جي ٽيمن وچ ۾ ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button