رانديون

انگلش ڪرڪيٽ ٽيم 2005ع بعد پهريون ڀيرو ٽيسٽ سيريز کيڏڻ پاڪستان پهتي

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 17 سالن جي وڏي عرصي بعد ٽيسٽ سيريز کيڏڻ جي ڏس ۾ پاڪستان پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڪپتان بين اسٽوڪس جي اڳواڻي ۾ ٽيسٽ اسڪواڊ اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهتو، جتان انهن کي سخت سيڪروٽي هيٺ رهائش واري هوٽل پهچايو ويو آهي. ميڊيا مطابق انگلينڊ جي ٽسٽ ڪرڪيٽ اسڪواڊ 2005ع بعد پهريون ڀيرو پاڪستان پهچي سيريز کيڏڻ جي تياري شروع ڪري ورتي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڪپتان بين اسٽوڪس جي اڳواڻي ۾ ٽيسٽ رانديگر اسلام آباد ۾ ديرو ڄمايو آهي، جتي انهن کي رهائش فراهم ڪئي وئي آهي. هوڏانهن مهمان ٽيم جي پاڪستان پهچڻ وقت سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا. جڏهن تھ ٽيم سان گڏ مارڪ ووڊ ۽ هيري بروڪ فٽنيس مسئلن سبب اسڪواڊ سان گڏ ناهن آيا. اسلام آباد ايئر پورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي بين اسٽوڪس ٻڌايو تھُ ووڊ ۽ هيري کي گهر ۾ هڪ هفتي جو آرام ڏنو آهي تھ جيئن اهي ٿڪاوٽ کي ختم ڪن. ياد رهي تھ انگلينڊ جي ٽيم ابوظهبي ۾ ڪجهه ڏينهن ترسي اتي ڀرپور پريڪٽس ڪئي آهي، جنهن بعد اهي پاڪستان پهتا آهن. هوڏانهن پي سي بي مهمان ٽي، جي آجيان ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button