رانديون

پاڪستان مضبوط ٽيسٽ ٽيم آهي، سخت محنت ڪرڻي پوندي: جيمز اينڊرسن

راولپنڊي: انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن چيو آهي ته پاڪستان مضبوط ٽيسٽ ٽيم آهي، جنهن کي شڪست ڏيڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي. آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي پاڪستان دوري جون وڊيوز ڏسڻ کانپوءِ دبئي جي حالتن ۾ پراڻي بال سان بالنگ جي مشق ڪئي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن چيو ته هو آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي پاڪستان دوري جون وڊيوز ڏسڻ بعد آيو آهي. پاڪستان کي مختلف ۽ چيلينج ڪندڙ ڪنڊيشنر ۾ کيڏڻ جو موقعو ملندو.

انگلش فاسٽ بالر چيو ته هن پچ نه ڏٺي آهي ۽ نه ٿو چئي سگهان ته ريورس سوئنگ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي يا نه، هو نوجوان رانديگرن سان پنهنجو تجربو شيئر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. مون ۾ اهڙي صلاحيت آهي جو ڪنهن به حالت ۾ بالنگ ڪري سگهان ٿو، 17 سالن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪري خوشي ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان مضبوط ٽيسٽ ٽيم آهي، انگلينڊ پاڪستان ۾ ٽيسٽ سيريز کٽڻ جي عزم سان آئي آهي پر پاڪستاني ٽيم کي شڪست ڏيڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button