رانديون

اي بي ويليئرز منهنجو آئيڊيل رانديگر آهي: بابراعظم

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو آهي ته اڳوڻو ڏکڻ آفريڪي ڪپتان اي بي ويليئرز سندس آئيڊيل رانديگر آهي، هو ٽي وي تي کيس ڏسڻ کانپوءِ ان وانگر شارٽس کيڏڻ جي مشق ڪندو هو. انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز کان اڳ انٽرويو ڏيندي بابر اعظم چيو ته ڪرڪيٽ جي ڪوچنگ ۾ والد جو اهم ڪردار آهي، منهنجي والد مون کي تمام گهڻو سپورٽ ڪيو. ننڍپڻ ۾ منهنجو پيءُ مون کي گرائونڊ تي وٺي ويندو هو، منهنجي ڪرڪيٽ ٽريننگ ۾ منهنجي والد جو اهم ڪردار هو، هو منهنجي ڪارڪردگي جي نگراني ڪندو هو. هن چيو ته آسٽريليا ۾ انڊر 19 کيڏڻ کانپوءِ کيس يقين هو ته کيس پاڪستاني ٽيم ۾ جاءِ ملندي. هن چيو ته آسٽريليا ۾ انڊر 19 کيڏڻ کانپوءِ کيس يقين هو ته کيس پاڪستاني ٽيم ۾ جاءِ ملندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button