رانديون

تيز کيڏڻ ۽ وڪيٽون وٺڻ پاڪستان خلاف گيم پلان آهي: جو روٽ

راولپنڊي: مشهور انگلش بيٽسمين جو روٽ چيو آهي ته تيز کيڏڻ ۽ وڪيٽون وٺڻ منهنجو پاڪستان خلاف گيم پلان آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي جو روٽ چيو ته ڪرونا يا فوڊ پوائزننگ بابت خبرن جي وضاحت ڪئي وئي آهي، وائرل انفيڪشن بابت ڪجهه نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستاني ٽيم انگلينڊ کي شڪست ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، تيز کيڏڻ ۽ وڪيٽون وٺڻ منهنجو پاڪستان خلاف گيم پلان آهي، پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ ذهني طور تيار آهيون. جو روٽ چيو ته مان نٿو سمجهان ته مان هاڻي انگلينڊ جي ڪپتاني ڪري سگهان ٿو، انگلينڊ جي بالنگ لائن اپ وڪيٽون وٺڻ جي صلاحيت رکي ٿي، راولپنڊي ٽيسٽ ۾ پچ سٺي نظر اچي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button