انگلينڊ جا بيٽر ٻئي ڏهاڙي تي مجموعي طور تي 657 رنسن جو جبل ٺاهي آئوٽ ٿي ويا آهن، جنهن بعد پاڪستان بھ بهترين ۽ محتاط انداز ۾ شروعات ڪندي بنا ڪنهن نقصان جي 181 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق پنڊي ٽيسٽ جي ٻئي ڏهاڙي انگلينڊ جا بيٽر 151 رنسن جو اضافو ڪري سگهيا، جنهن ۾ هيري بروڪ 153 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، بين اسٽوڪس 41، ليام ليونگ اسٽون 9، ول جيڪس 30 ۽ اولي رابنسن 36 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ پاڪستاني بالرن مان زاهد محمود 235 رنسن جي ڪٽڪي سان 4 وڪيٽون ورتيون، نسيم شاهه 140 رنسن عيوض 3 شڪار ڪيا ۽ محمد علي 124 رنسون ڏئي 2 بيٽر آئوٽ ڪري سگهيو آهي. هوڏانهن پاڪستاني اوپنر امام الحق هڪ ڇڪي ۽ 13 چوڪن سان 90 ۽ عبدالله شفيقن 2 ڇڪن 10 چوڪن سان 89 رنسون ٺاهي ڪريز موجود آهن، جنهن دوران انگلش بالرن وڪيٽ نھ وٺي سگهيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close