رانديون

فيفا ورلڊ ڪپ ۾ اپ سيٽ، 4 ڀيرا چيمپيئن جرمني ايونٽ مان ٻاهر

فيفا ورلڊ ڪپ جي جاري مقابلن ۾ 4 ڀيرا عالمي چيمپيئن رهندڙ جرمني ڪڪوسٽاريڪا کان ميچ کٽڻ باوجود ناڪ 16 ۾ جڳهه ٺاهڻ بدران اپ سيٽ ٿيڻ سبب ايونٽ مان ئي ٻاهر نڪري ويو آهي. جڏهن تھ جاپان ۽ اسپين گروپ اي مان ايندڙ مرحلي ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي. ميڊيا مطابق گروپ اي ۾ جرمني جي ٽيم ڪوسٽاريڪا کي 2 جي ڀيٽ ۾ 4 گولن تان شڪست ڏني، جنهن ۾ جرمني جي ڪائي هاورٽز 2، سرگ گينبري ۽ نڪلس فولڪروگ هڪ، هڪ گول ڪيو. جڏهن تھ ڪوسٽاريڪا مان يلتسن ٽجيڊا ۽ مانوئل نيوئر هڪ، هڪ گول ڪيو آهي. ساڳئي گروپ ۾ جاپان جي ٽيم اسپين کي هڪ جي ڀيٽ ۾ 2 گولن تان شڪ﷢ست ڏئي ٻئي مرحلي ۾ پهچي ويو آهي، جنهن ۾ جاپان جي رسٽو ڊوئان ۽ او ٽناڪا هڪ، هڪ گول ڪيو، اسپين جي الويرو موراٽا ٽيم جو اڪيلو گول ڪيو آهي. گروپ اي ۾ اسپين ۽ جرمني جون پوائينٽس برابر هجڻ بعد گول ڪرڻ جي شرح ۾ اسپين جاپان کي ايونٽ مان ٻاهر ڪري جڳهه ٺاهي ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button