رانديون

ڀارتي ڪپتان روهت شرما بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز جي ٻئين ميچ ۾ زخمي

ڍاڪا: ڀارتي ٽيم جو ڪپتان روهت شرما بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز جي ٻئين ميچ ۾ فيلڊنگ ڪندي زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال پهچايو ويو آهي. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ موجب روهت شرما بنگلاديش جي اوپنر انعام الحق کي ڪيچ ڪندي زخمي ٿي پيو، بال سندس آڱوٺي ۾ لڳو، جنهن کانپوءِ سندس آڱر مان رت وهڻ لڳو. آڱوٺي تي زخم لڳڻ کانپوءِ فوري طور تي سندس زخم جو معائنو ڪيو ويو، جنهن بعد کيس ايڪسري لاءِ فوري طور ڍاڪا جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. روهت شرما جي غير موجودگي ۾ ڀارتي ٽيم جي نائب ڪپتان ڪي ايل راهول ڪپتاني سنڀالي ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button